باغي ڍوري وارو دڙو

باغي ڍوري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه ”باغي ڍوري“ تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپور ۾ ٺريءَ جي شهر کان پنجن ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هن دڙي جي هيٺان ڪِيڻ وهائيندي ٽي پراڻا کوهه هٿ آيا آهن. اهو دڙو ۽ کوهه شرف الدين پنجابيءَ ڳوٺ جي ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو